اسلام آباد ۾مذهبي جماعتن جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش خلاف ٻئي ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾احتجاج جو سلسلو جاري آهي

sindh mazhabi jamatun jo ahtjaj

 اسلام آباد ۾مذهبي جماعتن جو ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش خلاف ٻئي ڏينهن به سنڌ جي مختلف  شهرن ۾احتجاج جو سلسلو جاري آهي، مذهبي جماعتن جي سڏ تي  ڪيترن ئي شهرن ۾سموروڪاروبار بند آهي ، جڏهن ته سرڪاري عمارتن ۽ ٻين حساس هنڌن تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

مذهبي جماعتن جي سڏ تي  نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو، سجاول، ٽنڊو الهيار، سانگهڙ، بدين۾شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.

عمر ڪوٽ، ڪوٽڙي ڍورو نارو، رتو ديرو ۾به مذهبي جماعتن جي سڏ تي  شھر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بندرهيا.

 ميرپور بٺورو، دڙو،ٻانڌي، ڪوٽ غلام محمد، ٽنڊي آدم، ساماري،ٻانڌي، رتوديرو ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي.

ڪنڌڪوٽ، ڇاڇرو، نئون ڪوٽ، لالورائنڪ، کوسڪي، ڪوٽڙي ڪبير، رتو ديرو ، ٺاروشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*