جيڪب آباد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

جيڪب آباد جي نيو بس اسٽينڊ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پوليس جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي جاچ بعد بم ڌماڪي جي تصديق ڪئي ويندي.

 بس اسٽينڊ تي بيٺل هڪ موٽر سائيڪل ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو، جنهن  جي نتيجي ۾ قادرپور واسي نوجوان عاطف شاهه زخمي ٿي پيو.

ڌماڪي سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ نصب ٿيل هو، واقعي واري هنڌ ڪجهه بارودي مواد جا ٽڪڙا به مليا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو بم جو هو يا نه ان بابت تصديق لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملي کي طلب ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*