اسلام آباد ۾ فيض آباد وٽ لڳل مذهبي جماعتن جي ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ۾ شهيد ٿيل ڪارڪنن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

islamabad protest

اسلام آباد ۾ فيض آباد وٽ لڳل مذهبي جماعتن جي ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ۾ شهيد ٿيل ڪارڪنن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا تشدد دوران مارجي ويل مذهبي جماعت جي ڪارڪن حافظ عديل جي جنازي نماز سندس اباڻي علائقي پنڊي گهيپ دليان چوڪ وٽ ادا ڪئي ڪئي.

جنازي نماز ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنهن دوران حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ٻي طرف فيض آباد آپريشن خلاف مذهبي جماعتن پاران غوثيا حويلي گرجا روڊ تان ريلي ڪڍي وئي،

احتجاج ڪندڙن چڪري انٽرچينج راولپنڊي کي مڪمل طور بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي ڪئي.

ريلي ۾ شريڪ ماڻهن مبينا پوليس تشدد ۾ مارجي ويل حافظ جهانزيب جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته اسلام آباد۾ فيض آباد انٽرچينج وٽ لڳل ڌرڻو 21 هين ڏينهن به جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام رينجرز سنڀالي ورتا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*