قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ پارليامينٽ موجود آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ پارليامينٽ موجود آهي، جمهوري طاقتون قطعي طور ڪمزور نه ٿيڻ گهرجن،

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پ پ جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهي، پ پ قيادت موجوده صورتحال ۾ واضح پيغام ڏنو آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته آئين ۽ قانون موجب ڳالهين ذريعي معاملا حل ٿيڻ گهرجن، مذهبي پارٽين کي سياسي نعرن لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته پارٽي کيس سمورين سياسي پارٽين سان رابطن جو ٽاسڪ ڏنو ته رابطا ڪندو.

خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ پارليامينٽ موجود آهي، جمهوري طاقتون قطعي طور ڪمزور نه ٿيڻ گهرجن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*