پنجاب سرڪار فيض آباد آپريشن کانپوءِ شروع ٿيل احتجاجن ۽ مظاهرن کي ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Rana-sanaullah-261017

پنجاب سرڪار فيض آباد آپريشن کانپوءِ شروع ٿيل احتجاجن ۽ مظاهرن کي ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته پرامن احتجاج خلاف رياستي طاقت جو استعمال نه ڪيو ويندو.

هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف رياستي طاقت جو استعمال نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته رياستي طاقت جو استعمال رڳو انهن ماڻهن خلاف ڪيو ويندو، جيڪي احتجاجن ۽ مظاهرن دوران ڀڃ داهه ۽ ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث هوندا.

راڻا ثناءُ الله چيو ته جڏهن جاتي امرا ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ ملڪي حالتن ۽ آئيني ترميم جي معاملن بابت اجلاس هلي رهيو هو ته تڏهن اسلام آباد ڌرڻي خلاف آپريشن جي اثرن جا اطلاع مليا.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ۽ هو پاڻ اجلاس اڌ ۾ ڇڏي ۽ امن امان تي انتظامي عملدارن سان مشورا ڪيا.

هن چيو ته قانون جي دائري احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي، ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

راڻا ثناءُ چيو ته عوام جي جان توڙي مال جي ذميواري حڪومت جي آهي، جيڪو به ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث هوندو، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*