اسلام آباد ۾ مذهبي جماعتن پاران لڳايل ڌرڻي جي حمايت ۾ ڪراچي جي نمائش چورنگي ۽ آل آصف تي به ڌرڻا لڳل آهن

karachi protest

اسلام آباد ۾ مذهبي جماعتن پاران لڳايل ڌرڻي جي حمايت ۾ ڪراچي جي نمائش چورنگي ۽ آل آصف تي به ڌرڻا لڳل آهن، جتي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون به ٿيون آهن.

ڌرڻي وارن جي حمايت ۾ ڪراچي جي نمائش چورنگي تي ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب صدر ۽ شهر جي ٻين علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ شهرين کي تمام گهڻي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

ڪراچي جي علائقي ال آصف تي به مذهبي پارٽين جي ڌرڻي سبب ٽريفڪ جي اچ وڄ متاثر ٿي آهي، جڏهن ته پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون به ٿيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*