پاڪستان عوامي تحريڪ جي جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي

Tahir-Ul-Qadri-15916

پاڪستان عوامي تحريڪ جي جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي، حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ماڊل ٽائون سانحي کانپوءِ حڪومت جو زوال شروع ٿي ويو هو، هاڻ حڪومت کي استعفيٰ ڏيڻ گهرجي.

عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري استنبول کان لاهور ايئرپورٽ پهتو، جتي ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو.

ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي طاهر القادري چيو ته حڪومت ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين ۾ ناڪام وئي آهي، ختم نبوت جي قانون کي بدلائڻ وارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

هن چيو ته ماڊل ٽائون واقعي کان پوءِ حڪمرانن جي تباهي شروع ٿي آهي، جسٽس باقر جي رپورٽ منظر عام تي اچڻ کانپوءِ حڪمران اڃا وڌيڪ بي نقاب ٿيندا.

عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته جيتري ذلت هن حڪومت جي ٿي ماضي ۾ ڪنهن جي به ناهي ٿي، سموري حڪومت کي استعفيٰ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪرپٽ حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ٿي چڪو آهي، نواز شريف بار بار معافيون وٺي رهيو آهي پر کين معافي نه ملندي.

طاهر القادري چيو ته ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي، حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ماڊل ٽائون سانحي کانپوءِ حڪومت جو زوال شروع ٿي ويو هو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*