ايس ايس پي ملير رائو انوار سليم شهزاد خلاف ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿي ويو آهي، عدالت مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته اوهان کي عدالت جي پابندي نٿا ڪيو

rao anwer khi

ايس ايس پي ملير رائو انوار سليم شهزاد خلاف ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿي ويو آهي، عدالت مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته اوهان کي عدالت جي پابندي نٿا ڪيو، ڇو نه اوهان کي جيل موڪلي ڇڏيو، اتان عدالت ۾ اچي سگهندا، رائون انوار جواب ڏنو ته کيس طالبان مان خطرو آهي، بيان لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي.

رائون انوار، سيلم شهزاد خلاف ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت رائو انوار سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته اوهان عدالت جي پابندي نٿا ڪيو، ڇو نه اوهان کي جيل موڪليون، اتان 2 ڊسمبر تي عدالت ۾ اچي به سگهندا.

رائو انوار معافي نامو جمع ڪرائيندي چيو ته مونکي طالبان مان خطرو آهي، سليم شهزاد خلاف بيان ڏيڻ لاءِ ملهت ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 ڊمسبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت مسلسل غيرحاضري تي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ڊي ايس پي خالد سميت ٻين اهلڪارن کي شوڪاز جاري ڪيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*