اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ قانون واري وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال سميت نين تڪ بندين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ قانون واري وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال سميت نين تڪ بندين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.

احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنجاب هائوس پهتو، جتي سندس صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، پرويز رشيد، آصف ڪرماني ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ قانون واري وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ بعد پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ شريف ڪٽنب خلاف هلندڙ ڪيسن ۽ نين تڪ بندين بابت آئيني ترميم تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٻي طرف حڪومتي ۽ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن به پنجاب هائوس پهچي نوازشريف سان ملاقات ڪئي. ..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*