اسلام آباد ڌرڻي بابت صحافين جي پڇيل سوال تي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر دلچسپ جواب ڏيندي ڌرڻي کي عاشقن جي محفل قرار ڏئي ڇڏيو

captain safdar

اسلام آباد ڌرڻي بابت صحافين جي پڇيل سوال تي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر دلچسپ جواب ڏيندي ڌرڻي کي عاشقن جي محفل قرار ڏئي ڇڏيو، ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر چيو آهي ته ڌرڻو عاشقن جي محفل هئي، ڌرڻو اهو هوندو آهي، جتي ماڻهو ڳائندا آهن، جتي درود پڙهيا وڃن اها محفل ميلاد سڏرائبي آهي، محفل جي آخر ۾ نذرانو به تقسيم ڪيو ويندو آهي.

احتساب عدالت ٻاهران صحافين جي پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ڌرڻي کي عاشقن جي محفل قرار ڏئي ڇڏيو.

صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر چيو ته ڌرڻو عاشقن جي محفل هئي، ڌرڻي اهو هوندو آهي، جتي ماڻهو ڳائيندا هجن.

هن چيو ته جتي درود شريف پڙهيا وڃن اهو ڌرڻو نه پر ان کي ميلاد جي محفل سڏيو ويندو آهي.

صحافين سوال ڪيو ته ميلاد ۾ جنرل صاحب کي صحيح ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي، ڪئپٽن صفدر جواب ڏنو ته اهو سوال مون کان نه پڇيو وڃي، هتي ڪيترن ئي جنرلن جي صحيحين جي ضرورت پئي آهي.

ڪئپٽ رٽائرڊ صفدر چيو ته هڪ ميجر جنرل جي صحيحي اوهان ناهي ڏٺي، ايل ايف او به ٿيو، ڪو به جنرلن جي ڳالهه نه ڪري.

ان موقعي تي صحافين سوال ڪيو ته ڇا ڌرڻي ۾ نذرانو به تقسيم ڪيو  ويندو آهي؟ جنهن تي ڪئپٽن صفدر چيو ته ها محفل جي آخر ۾ نذرانو ورهايو ويندو آهي،

صحافين سوال ڪيو ته ڇا محفل عسڪري فرشتن سجائي هئي؟ جنهن تي ڪپٽن رٽائرڊ صفدر  چيو ته مون الله جي فرشتن تي ايمان آندو آهي، انهن فرشتن کي نٿو مڃان………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*