اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان حڪومتي ۽ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن جي ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان حڪومتي ۽ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن جي ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. پختون خواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي نوازشريف کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.

پنجاب هائوس ۾ پختون خواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ سياسي صورتحال سميت عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جي ٻڌڻين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي محمود اچڪزئي نوازشريف کي پختون خواهه ملي عوامي پارٽي جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت به ڏني.

ملاقات دوران پختون خواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي پ پ سان رابطن بابت نواز شريف کي آگاهه ڪيو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته اتحادي جي حيثيت سان نوازشريف جي حمايت جاري رکي ويندي.

ان کان اڳ نواز ليگ اڳواڻ راجا ظفر الحق به نوازشريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*