مومن آباد پوليس جوڙي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ واقعي جي اطلاع ڏيندڙ گهر مالڪ کي به گرفتار ڪري ورتو آهي

momina bad khi mLIK Mkan griftar

مومن آباد پوليس جوڙي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ واقعي جي اطلاع ڏيندڙ گهر مالڪ کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گهر مالڪ کي ڪرائيداري ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.

سرڪاري مديت ۾ مومن آباد ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ مقتول ناري حسينه جي 4 ڀائرن اعظم، حبيب، ايوب ۽ مرزا سميت 9 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس پاران ايف آءِ آر ۾ قتل سان گڏ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن غيرت جي نالي تي 22 نومبر تي جوڙي کي قتل ڪيو.

جوڙي جي قتل ايف آءِ آر ۾  دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

ٻي طرف مومن آباد پوليس جاچ ۾ سهڪار ڪندڙ ۽ واقعي جو اطلاع ڏيندڙ گهر مالڪ کي ڪرائيداري ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي قتل ڏوهه نه پر گهر جو ڪرائي نامو نه ٺاهڻ تي گرفتار ڪيو آهي.

گرفتار ڪيل گهر مالڪ جو چوڻ آهي ته جوڙي ٽي ڏينهن اڳ رهائش اختيار ڪئي هئي، ڪرائي نامو اڃا نه ٺاهيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*