ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت، بلديه سانحي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رائوف صديقي کي جوابدار بڻائڻ واري درخواست تي ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي

ATC Karachi

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت، بلديه سانحي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رائوف صديقي کي جوابدار بڻائڻ واري درخواست تي ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بلديه سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ايم پي اي رائوف صديق به پيش ٿيو.

عدالت ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

رينجرز پاران رئوف صديقي کي ڪيس ۾ جوابدار بڻائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*