سيشن جج داد سول اسپتال جو اوچتو دورو ڪري مريضن کان مسئلا معلوم ڪيا۽ دوائن لاءِ پئسا پڻ ڏنا

dadu

سيشن جج داد سول اسپتال جو اوچتو  دورو ڪري مريضن کان مسئلا معلوم ڪيا۽ دوائن لاءِ پئسا پڻ ڏنا.

 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  دادو سول اسپتال دادو جو اوچتو دورو ڪري مريضن کان مسئلن بابت معلومات حاصل ڪئي، جنهن دوران مريضن شڪايت ڪئي ته دل جي شعبي ۾ دوائن جي کوٽ آهي.

سيشن جج مريضن جي شڪايتن تي عملي کي ڇنڊ پٽي ۽مريضن جي دوائن لاءِ 25 هزار ڏنا رپياڏنا.

سيشن جج هدايتون ڏنيون ته مريضن جا جائز مسئلا حل ڪري  دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*