ڏهرڪي ۾ نينگر جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جو عدالت نوٽيس ورتو، سيشن جج ٽي ايم او خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

dharki

ڏهرڪي ۾ نينگر جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جو عدالت نوٽيس ورتو، سيشن جج ٽي ايم او خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن ڳوٺ الهداد سميجو ۾ 5 سالن جو معصوم نينگر ڪشور ڪمار ڍڪڻ نه هئڻ سبب گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو.

 اهڙي واقعي جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي نوٽيس وٺندي ٽي ايم او ڏهرڪي ۽ لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي طلب ڪري پڇاڻو ڪيو.

 سيشن جج انتظامي غفلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايڇ او کي ٽي ايم او ارشد احمد هليو خلاف  غفلت جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل ٻارڙو 7 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*