سپريم ڪورٽ حديبيا پيپر ملز بابت اصل ريفرنس ۽ ان تي هيل تائين ٿيل جاچ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ حديبيا پيپر ملز  بابت اصل ريفرنس ۽ ان تي هيل تائين ٿيل جاچ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، عدالت چيو آهي ته جوابدار ڪڏهن اقتدار ۾ رهيا ۽ پهريون ڀيرو ڪيس رولڙي جو شڪار ڪڏهن ٿيو؟ جسٽس فائز عيسيٰ قاضي چيو آهي ته مارچ کان ڊسمبر تائين جوابدار جيل ۾ هئا ته ڪيس جي ڪارروائي ڇو نه هلي؟.

سپريم ڪورٽ ۾حديبيا پيپرز ملز ڪيس کولڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس مشير عالم جي سربراهيءَ ۾ جسٽس فائز عيسيٰ قاضي۽ مظهر عالم خان تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس فائز عيسيٰ قاضي ريماڪس ڏيندي چيو ته اصل ريفرنس ڪٿي آهي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اصل ريفرنس کيس نه ملي سگهيو آهي، جسٽس مشير عالم ريمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن ريفرنس ئي سامهون ناهي ته پوءِ ڇا ٻڌو وڃي.

نيب پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس هلي رهيو هو ته جوابدار پرڏيهه هليا ويا هئا، جنهن تي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته جوابدار پاڻ ويا يا وري کين جبري موڪليو ويو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته تنهن وقت جو چيف ايگزيڪيوٽو پرويز مشرف هو، جنهن جوابدارن کي پرڏيهه موڪليو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جو ڪيس اهو ئي آهي ته دٻاءُ وجهي ڪيس ختم ڪرايو ويو.

عدالت چيو ته جڏهن ريفرنس ٺاهيو ويو هو ته اقتدار ۾ ڪير هو؟ نواز شريف جي ملڪ ۾ واپس اچڻ بعد ريفرنس کولڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو ۽ ريفرنس فائل ٿيڻ جي ڪيتري وقت کانپوءِِ اقتدار مليو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ريفرنس کولڻ ۾ لڳ ڀڳ 9 مهينا لڳي ويا، 2014ع ۾ دٻاءُ ذريعي ريفرنس بند ڪرايو ويو.

جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ريفرنس ٺهيو ته جوابدار واپس آيا ۽ جڏهن هو اقتدار ۾ نه هئا ته اثر ڪيئن استعمال ٿيو، بهتر آهي ته نيب هڪ چارٽ بڻائي پيش ڪري جنهن ۾ تاريخون لکي، جيڪي تمام گهڻو اهم آهن.

جسٽس مشير عالم چيو ته ريفرنس جي اصل ڪاپي جو هئڻ لازمي آهي، جي آءِ ٽي جي ڪهڙي واليم ۾ حديبيا پيپرز جو ذڪر آهي ؟

نيب پراسڪيورٽر واليم 8 جي ڪاپي جمع ڪرائيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي واليم 8 اي ۾ حديبيا جو ذڪر آهي، جنهن بابت جي آءِ ٽي جاچ ڪري ان جا تفصيل واليم 8 ۾ جمع ڪيا آهن.

سپريم ڪورٽ حديبيا پيپر ملز  ۾ اصل ريفرنس ۽ هيل تائين ٿيل جاچ جو رڪارڊ طلب ڪندي ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*