مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته جڏهن حديبيا جهڙن ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿينديون ته نقصان ادارن جو ئي ٿيندو

talal chodhary

مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته جڏهن حديبيا جهڙن ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿينديون ته نقصان ادارن جو ئي ٿيندو. هي سڀ ڪيس اسان جي مخالفن هلايا، جيڪي آمريتي دور ۾ به هليا پر انهن ۾ ڪجهه به ثابت نه ٿيو. جيڪڏهن ڪيس ٻيهر کليا ته ميرٽ نه پر ان جو مطلب ڪجهه ٻيو هوندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته جڏهن حديبيا جهڙن ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿينديون ته نقصان ادارن جو ئي ٿيندو.

هن چيو ته  هي سڀ ڪيس اسان جي خلاف مخالفن هلايا، جيڪي آمريتي دور ۾ به هليا پر انهن ۾ ڪجهه به ثابت نه ٿيو.

مملڪتي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪيس ٻيهر کليا ته ميرٽ نه پر ان جو مطلب ڪجهه ٻيو هوندو،

طلال چوڌري چيو ته شيخ رشيد جهڙا ماڻهو فال ڪڍندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو پنهنجي سياست عدالتن جي ڪلهن تي رکي ڪرڻ  چاهيندا آهن.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ نيب جي اپيل تي حديبيا پيپرز جو ڪيس کولڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي شروع ٿي چڪي آهي ۽ عدالت پاران سمورو رڪارڊ به طلب ڪيو ويوآهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*