پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس ۾ نيب ٽيم وٽ ججز جي سوالن جا جواب ئي نه هئا

fawad chodhary

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس ۾ نيب ٽيم وٽ ججز جي سوالن جا جواب ئي نه هئا، نيب چيئرمين ذاتي طور دلچسپي وٺي ۽ جاچ ٽيم جي غير سنجيدگي جو نوٽيس وٺي، نيب پراسيڪيوٽر جهڙي طرح پيش عدالت ۾ پيش ٿيو، لڳي ٿو ته نيب شريف ڪٽنب سان مليل آهي.

اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اڄ نيب پراسيڪيوٽر جهڙي ريت پيش ٿيو، جنهن مان لڳي پيو ته نيب شريف خاندان سان مليل آهي.

هن چيو ته عدالت ۾ نيب جي وڪيل درخواست فائل نه ڪئي، مرڪزي ريفرنس به گڏ نه لڳايو ۽ حديبيا ڪيس جو بنيادي رڪارد به نه آندو ويو. هاڻ عدالت کي پاڻ ڪارروائي گهرجي
فواد چوڌري چيو ته 1993ع ۾ ايون فيلڊ پراپرٽي خريد ڪئي وئي، ان دوران لاهور کان اسلام آباد موٽر وي جو ٽينڊر پاس ٿيو ۽ ڊيلرز ذريعي هڪ ارب 24 ڪروڙ رپيا پاڪستان کان ٻاهر موڪليا ويا.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته 1994 ۾ ساهيوال ۾ اڪائونٽ مليا، جنهن بابت ڪجهه به خبر نه پئي پئي، پر جڏهن ايف آءِ اي حرڪت ۾ آئي ته معلوم ٿيو ته هڪ ارب 24 ڪروڙ شريف خاندان جي نالي تي واپس آيا.

فواد چوڌري چيو ته حديبيا ملز جي نالي تي جعلي ڪمپني به ٺاهي وئي، جيڪا اٺ ڪروڙ رپين جي نقصان ۾ هئي. جنهن جا اچانڪ شيئرز وڌي ويا هئا،

هن چيو ته شهباز شريف التوفيق بينڪ کان سيٽلمنٽ ڪئي ۽ اهي پيسا حديبيا ادا ڪيا.

فواد چوڌري چيو ته حديبيه پيپر ملز ڪيس ۾ نيب ٽيم وٽ ججز جي سوالن جا جواب ئي نه هئا، نيب چيئرمين ذاتي طور دلچسپي وٺي ۽ جاچ ٽيم جي غير سنجيدگي جو نوٽيس وٺي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*