تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته نواز ليگ ۾ ڏار پئجي ويا آهن، حڪومت مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي

Naeem-ul-Haq-26917

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته نواز ليگ ۾ ڏار پئجي ويا آهن، حڪومت مڪمل طور ختم ٿي چڪي آهي، وزير رڳو جاتي امرا ۽ پنجاب هائوس جا چڪر لڳائين پيا، نواز ليگ جي حڪومت عوامي حمايت به وڃائي چڪي آهي، فوري طور نين چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته نواز ليگ ۾ ڏار پئجي چڪا آهي ۽ حڪومت عوامي حمايت به وڃائي چڪي آهي.

هن چيو ته هي حڪومت معذور ۽ مفلوج ٿي وئي آهي، جنهن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته حڪومت عوامي مينڊيٽ به وڃائي چڪي آهي، جنهن سبب فوري  طور نين چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.

نعيم الحق چيو ته ناڻي وارو وفاقي وزير فرار ٿي ويو آهي، پرڏيهي وزير مجبور ۽ گهرو وزير معذور آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته راجا ظفر الحق جي رپورٽ تيار آهي، ته پوءِ 30 ڏينهن جو وقت ڇو گهريو ويو؟

نعيم الحق چيو ته سمورا وزير نوازشريف کي خوش ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، وزير جاتي امرا ۽ پنجاب هائوس جا چڪر لڳائي رهيا آهن.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته حڪومت مڪمل طور تي مفلوج بڻجي چڪي آهي، وزير سچ ڳالهائڻ کان لنوائي رهيا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*