قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان گڏ آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان گڏ آهي، حڪومت ڌرڻي وارو معاملو پارليامينٽ ۾ آڻڻ کان پاسو ڪيو، نوازشريف هميشه پارليامينٽ کان پري رهندو آهي ۽ پيپلزپارٽي هميشه پارليامينٽ جي طاقت کي وڌايو آهي،

 اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته ڌرڻي سبب دنيا کي پاڪستان بابت ناڪاري پيغام ويو، پيپلزپارٽي سڄي صورتحال تي پريشان آهي.

هن چيو ته واضح پيغام ڏنو آهي ته اسان جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان گڏ آهيون،

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ڌرڻي وارو معاملو پارليامينٽ ۾ آڻڻ کان پاسو ڪيو،

اپوزيشن ليڊر چيو ته نوازشريف هميشه پارليامينٽ کان پري رهندو آهي ۽ پيپلزپارٽي هميشه پارليامينٽ جي طاقت کي وڌايو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*