اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ڪرپشن ڪيسز ۾ نامزد جوابدارن جو ضمانتون رد ڪرائڻ ۽ ڪرپشن خلاف آگاهي لاءِ سنڌ اسيمبلي کان واڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

anti cruption ijlas

اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ڪرپشن ڪيسز ۾ نامزد جوابدارن جو ضمانتون رد ڪرائڻ ۽ ڪرپشن خلاف آگاهي لاءِ سنڌ اسيمبلي کان واڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

علم الدين بلو جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن جو ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو.

8 ڊسمبر تي ڪرپشن خلاف آگاهي لاءِ سنڌ اسميبلي کان پريس ڪلب تائين واڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ سرڪاري آفيسرن، سول سوسائيٽي، ميڊيا، شاگرد ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي دعوت ڏني ويندي.

اينٽي ڪرپشن جي  چيئرمين اجلاس دوران چيو ته جن ڪيسن ۾ جاچ کانپوءِ نوان ثبوت مليا آهن، اهي ڪورٽ ۾ پيش ڪري جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرايون وينديون.

علم الدين بلو چيو ته ڪيسن ۾ سزائون  گهٽ ٿيڻ سبب اينٽي ڪرپشن جو تاثر سٺو نه پيو وڃي، ڪيس خراب ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اينٽي ڪرپشن چيئرمين ڊائريڪٽر ليگل جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميٽي جوڙيندي هدايت ڪئي ته ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن جي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*