عوامي راڄ پارٽي جي ايم اين اي جمشيد دستي چيو آهي ته پاڪ فوج بابت عدالتي رمارڪس تي کيس ۽ سموري قوم جي دل آزاري ٿي آهي

jamshed dasti

عوامي راڄ پارٽي جي ايم اين اي جمشيد دستي چيو آهي ته پاڪ فوج بابت عدالتي رمارڪس تي کيس ۽ سموري قوم جي دل آزاري ٿي آهي، نون ليگ حڪومت ملڪ کي ٽوڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جمشيد دستي چيو ته کيس چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن، 1973 وارو آئين پراڻو ٿي چڪو آهي، ان ۾ تبديليون آنديون وڃن.

جمشيد دستي چيو ته زاهد حامد جمشيد دستي جو ڊرافٽ مين  هو، جيڪا به حڪومت اچي ٿي اها قانون هٿ چراند ڪري ٿي.

جمشيد دستي چيو ته برطانيا  پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيو آهي ۽ نواز شريف جو پلان به فوج ۽ عوام کي ويڙهائڻ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*