رينجرز پاران سنڌ ۾ عيد ميلاد النبي جي حوالي سان سڪيورٽي جو گڏيل منصوبو جوڙيو ويو آهي

khi dg rangers ijlas

رينجرز پاران سنڌ ۾ عيد ميلاد النبي جي حوالي سان سڪيورٽي جو گڏيل منصوبو جوڙيو ويو آهي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد جي  صدارت هيٺ عيد ميلادالنبي جي سڪيورٽي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس، حساس ادارن ۽ سول ايڊمنسٽريشن جا عملدار به شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميلاد جي موقعي تي جلسن جلوسن جي سيڪيورٽي تي رينجرز ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته هوائي فائرنگ توڙي هٿياربن جي نمائش تي مڪمل پابندي هوندي.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ميلاد جي موقعي تي ڪنهن کي به نفرت پکيڙيندڙ جهنڊا يا پمفليٽ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*