جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق حلف نامي ۾ تبديلي ۽ فيض آباد ڌرڻي خلاف آپريشن واري معاملي تي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

siraj ul haq

جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق حلف نامي ۾ تبديلي ۽ فيض آباد ڌرڻي خلاف آپريشن واري معاملي تي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سراج الحق چيو ته زاهد حامد جي استعيفيٰ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته اڄ اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها، عوامي رد عمل بعد حڪومت کي پوئتي هٽڻو پيو، سياست ڪرڻ سياستدانن ۽ فيصلو ڪرڻ عدالتن جو ڪم آهي، نوازشريف کي جي ٽي روڊ جو رستونه وٺڻ گهرجي ها.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق راولپنڊي ۾ ڌرڻي دوران مارجي ويل نوجوان زوهيب جي وارثن سان تعزيب ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا  سان  ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته موجوده صورتحال جي ذميوار حڪومت آهي، حلف نامي ۾ تبديلي هڪ سوچيل سمجهيل سازش هئي، جنهن ۾ وڏا بااثر ماڻهو ملوث هئا.زاهد حامد به ان ٽولي مان هڪ آهي

جماعت اسلامي جي امير چيو ته ملڪ ۾ حڪومت خلاف ڪاوڙ پکڙيل آهي، هاڻ حڪومت پنهنجو رويو درست ڪري.

هن چيو ته زاهد حامد جي استعيفيٰ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته اڄ اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها،

سراج الحق چيو ته عوامي رد عمل بعد حڪومت کي پوئتي هٽڻو پيو، سياست ڪرڻ سياستدانن ۽ فيصلو ڪرڻ عدالتن جو ڪم آهي، نوازشريف کي جي ٽي روڊ جو رستونه وٺڻ گهرجي ها…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*