امريڪي صدر جي ڌيءُ ايوانڪا ٽرمپ چيو آهي ته امريڪا ڪاروباري سرگرمين جي حوالي سان ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي

avanka trump

   امريڪي صدر جي ڌيءُ ايوانڪا ٽرمپ  چيو آهي ته امريڪا ڪاروباري سرگرمين جي حوالي سان ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

             ڀارت جي شهر حيدرآباد ۾ٽن ڏينهن واري “ سڀ کان پهريان عورت، خوشحالي سڀني لاءِ ” جي عنوان هيٺ گلوبل انٽرنشپ ڪانفرنس جاري آهي.

           ڪانفرنس ۾ سعودي عرب، افغانستان ۽  مختلف ملڪن جا وفد شريڪ آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي.

              ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايوانڪا ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميا 11 مهينن ۾ ڪاروبار جي حوالي سان ماحول سازگار بڻائڻ لاءِ ناقابل يقين حد تائين ڪوششون ورتيون آهن.

              هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان پرجوش آهيو ته هينئر  ڪاروبار شروع ڪري ڏيو، ڇو ته هي دور ڪاروبار لاءِ بهتر آهي.

            ايوانڪا ٽرمپ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي پاران ڏنل ڊنر ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي امريڪي صدر جي ڌيءُ لاءِ خاص طعام تيار ڪيا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*