سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران 3 ڊسمبر تي خوشحال سنڌ جي سري ھيٺ ملھائجندڙ ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن

thatta ekta realy

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران 3 ڊسمبر تي خوشحال سنڌ جي سري ھيٺ ملھائجندڙ ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن.

ٺٽي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ثقافت جا رنگ نکري پيا. ايڪتا ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ڪامياب ڪرڻ لاءِ تياريون زور شور سان جاري آهن.

بوائز هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا جاڳرتا تقريب منعقد ڪري شاگردن پاران ايڪتا جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو عزم ورجهايو ويو.

ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن انساني زنجير ٺاهي ريلي ڪڍي ايڪي ۽ اتحاد جو اظهار ڪيو.

شاگردن جي ايڪتا ريلي ۾ ايس ايس پي افضل بيگ، گسٽا اڳواڻ خميسو شورو، اسڪول جي هيڊ ماستر محمد بخش بهراِڻ سميت استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي…

ميرپور بٺوري ۾ پي سي پرائمري اسڪول جي سوين شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن پاران ايڪتا ڏهاڙي جي تيارين جي سلسلي ۾ ايڪتا جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

3 ڊسمبر تي خوشحال سنڌ ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾ اسڪول اڳيان شاگردن، شاگردياڻين پاران انساني زنجير  ٺاهي اسڪول جي هيڊ ماستر رحمت الله ، پ ٽ الف اڳواڻ علي نواز لنڊ ۽ آپڪا اڳواڻ نانا عثمان زئور جي اڳواڻي ۾ ايڪتا جاڳرتا ريلي ڪڍي سموري شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهچي ثقافت زنده باد ۽ ايڪتا ڏهاڙو زنده باد جا نعرا هنيا.

ان موقعي تي ريلي ۾ شامل شاگردن ۽ استادن ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي کان ڀرپور تياريون ورتيون آھن، اجرڪ ۽ ٽوپيون خريد ڪرڻ کان علاوه  نوان وڳا به سبرايا آھن.

استادن ۽ شاگردن چيو ته  ايڪتا ڏھاڙي کي عيد جي ڏينھن جيان ملھائينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*