پشاوريونيورسٽي جي شاگردن جي ٻئي ڏينهن به احتجاج سبب تدريسي عمل بند آهي

peshawar uni student

پشاوريونيورسٽي جي شاگردن جي ٻئي ڏينهن به احتجاج سبب تدريسي عمل بند آهي، شاگردن جو چوڻ آهي ته جيستائين سندن مطالبو منظور نه ڪيو ويندو، تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

پشاور يونيورسٽي جي شاگردن فيس وڌائڻ ۽ سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي شاگرد تنظيمن جي ڪارڪنن به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽  انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

شاگردن چيو ته  انتظاميا شاگردن جي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده نظر نه اچي رهي آهي.

شاگردن چيو ته انتظاميا فيس وڌائي ڇڏي آهي، جيستائين سندن مطالبا نه مڃيا ويندا، تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*