وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسلامي ملڪ ۾ جهاد جو حق رياست جو آهي، دشمن اسان کان وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهن
وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسلامي ملڪ ۾ جهاد جو حق رياست جو آهي، دشمن اسان کان وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معيشيت کي 100 ارب کان وڌيڪ نقصان ٿي، ڪنهن ملڪ کي پنڪچر ڪرڻو هجي ته ان جي معيشت ۽ امن کي تباهه ڪيو ويندو آهي، هاڻ اسان دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ته اسلامي ملڪ ۾ جهاد جو حق رياست جو آهي،
هن چيو ته دشمن اسان کان وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهن،
وفاقي گهرو وزيرچيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معيشيت کي 100 ارب کان وڌيڪ نقصان ٿيو، جڏهن ته 6 هزار اهلڪار شهيد ۽ 70 هزار زخمي ٿيا.
هن چيو ته اسان نيشنل ايڪشن پلان بڻايو،ڪائونٽر ٽيررازم فورس بڻائي،
وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪنهن ملڪ کي پنڪچر ڪرڻو هجي ته ان جي معيشت ۽ امن کي تباهه ڪيو ويندو آهي،
احسن اقبال چيو ته آپريشن سبب دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ امن بحال ٿي ويو آهي………..