پيپلز پارٽي ڊاڪٽر عاصم جي جاءِ تي سعيد غني کي ڪراچي ڊويزن جو صدر ۽ جاويد ناگوري کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي

saeed ghani

پيپلز پارٽي ڊاڪٽر عاصم جي جاءِ تي سعيد غني کي ڪراچي ڊويزن جو صدر ۽ جاويد ناگوري کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

سعيد غني هڪ سماجي ويب سائيٽ تي ڄاڻايو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کيس پ پ ڪراچي ڊويزن جو صدر مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته جاويد ناگوري کي ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

سعيد غني چيو ته وڏي ذميواري ڏيڻ تي هو پارٽي جي قيادت ۽ سينئر اڳواڻن جو ٿورائتو آهي ۽ ذميواري کي پنهنجي پوري صلاحيتن سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي پارٽي کي ڊويزن ۾ اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*