هالا ويجهو ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا

hala hadso

هالا ويجهو ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ ڀٽ شاهه جي اسپتال نيو ويو، جتان ٻن زخمين کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ قربان، شبير چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.

زخمي شهدادپور کان ڄامشورو وڃي رهيا هئا ته رستي ۾حادثو پيش آيو.

پوليس موجب 2 ٽرالر هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويا، جنهن ڪري پويان ايندڙ ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٽرالر سان ٽڪرائجي پئي، جنهن سبب حادثو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*