سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن پاران ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا آهن

tharushaha

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن پاران ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

ٺاروشاهه ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن پاران ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن سرمد ڪيريو، امتياز وڳڻ، راجا فيصل سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت هن مهل تائين پڪو نه ڪري سندن ظلم ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته حڪومت هڪ ته سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون نه ڏئي رهي آهي، ٻيو وري پنهنجي قابليت تي ٽيسٽ ڏئي پاس ٿيندڙ نوجوانن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي.

ٽنڊو محمد خان ۾ اين ٽي ايس ٽيس پاس ڪندڙ استادن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پ ٽ الف جي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ ٽ الف پاران 10 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو.

هنن چيو ته پ ٽ الف سنڌ جي پرائمري استادن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ٽائيم اسڪيل، بنيادي سهولتون نه ملڻ تي جائز مطالبا تسليم ڪرائڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان.

احتجاج ڪندڙ سمورن اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندن پڪو ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*