ڌرڻي بابت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس تي پوليس جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته

islamabad dharna and supreme court

ڌرڻي بابت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس تي پوليس جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته آپريشن دوران مظاهرين اهلڪارن جي مذهبي جذبن کي اڀاريو، سيڪيورٽي اهلڪارن مظاهرين خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي بابت پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، جنهن بعد پوليس رپورٽ جمع ڪرائيندي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪيو آهي.

پوليس پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڌرڻو حساس معاملو هو، وڌيڪ وقت ڳالهين ۾ لڳو. پوليس 20 ڏينهن تائين ڌرڻي واري هنڌ مقرر رهي.

رپورٽ موجب، آپريشن ۾ لڳ ڀڳ 5 هزار 5 سئو اهلڪارن حصو ورتو،  ڌرڻي وارو هنڌ ويڪرو هئڻ سبب شيلنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي استعمال جو احتجاج ڪندڙن تي ڪو به اثر نه ڪيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳواڻن احتجاجي مظاهرو پريڊ گرائونڊ منتقل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر اهو پورو نه ڪيو. مظاهرو ڪندڙن وٽ  پٿر، ڏنڊا ۽ ٻيا اوزار هئا،

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج ڪندڙن وٽ اهڙا هٿيار به هئا، جنهن سان پوليس کي سخت نقصان ٿي سگهي پيو، جنهن سبب پوليس وٽ آپريشن روڪڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هو.

رپورٽ موجب، آپريشن دوران 173 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا، 80 سيڪڙو علائقو ڪليئر ڪرايو ويو هو پر احتجاج ڪندڙن اوچتو حملو ڪيو، جنهن سبب پوليس کي پوئتي هٽڻو پيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مختلف صوبن جي پوليس، ايف سي ۽ رينجرز اهلڪار مقرر هئا، ان حوالي سان چئني صوبن کان مدد گهري هئي، پر اهڙي طرح مدد نه ڪئي وئي، جهڙي طرح ملڻ گهرجي ها.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڌرڻي دوران مذهبي اڳواڻن اسپيڪر جو استعمال ڪيو، ڌرڻي جي مختلف ميڊيا، سوشل ميڊيا، ريئل ٽائم انفارميشن ڏيندو رهيو.

رپورٽ موجب، مظاهرو ڪندڙن خلاف 27 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جن ۾ 107 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ آر ۾ نامزد 33 ڄڻن جي ضمانت ٿي چڪي آهي، 418 ڄڻن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*