خيرپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا

khairpur jhero

خيرپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو، رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ ڄاڃي ٻرڙا ۾ تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۾ مشتاق ٻرڙو، لطيف ڏنو ٻرڙو ۽ ذوالفقار ٻرڙو شامل آهن.

 زخمين ۾سليمان، لياقت ، امير ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي سول اسپتال خيرپور نيو ويو، جتي پڻ سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.

واقعي کان پوءِ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن ڳوٺ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*