پنجاب جي علائقي ملتان ۾ پوليس جوارين خلاف آپريشن ڪندي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

Multan

پنجاب جي علائقي ملتان ۾ پوليس جوارين خلاف آپريشن ڪندي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان جوا جي روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي، جن خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.

ملتان جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪندي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، گرفتار ٿيلن ۾ محمد ارشد، مجاهد حسن، محمد شان، محمد ڪاشف، محمد ندي، غلام مرتضيٰ، سجاد حسين ۽ حضور بخش شامل آهن، جن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب، گرفتار ٿيلن وٽان 2 ريڙهيون، 7500 رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويون، جن خلاف بهاءُ الدين ذڪريا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*