بلوچستان جي علائقي تافتان ۾ ايران کان موٽي ايندڙ زائرين پاران لڳل ڌرڻو مسئلن جي حل جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو آهي

taftan

 بلوچستان جي علائقي تافتان ۾ ايران کان موٽي ايندڙ زائرين  پاران لڳل ڌرڻو مسئلن جي حل جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو آهي.

ملڪ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ زائرين ايران ويا هئا، جيڪي واپسي تي تافتان جي پاڪستان هائوس ۾ ترسيل آهن.

اڄ صبح زائرين پاران ڪوئيٽا وڃڻ لاءِ سيڪيورٽي نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر تافتان پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ مسئلي جي حل جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم  ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن  چيو ته هو ايران کان موٽي آيا آهن، کين سيڪيورٽي فراهم نه پئي ڪئي وڃي، صوبائي  ۽ وفاقي حڪومت نوٽيس وٺي سيڪيورٽي فراهم ڪري…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*