بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

mastang-map

بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

مستونگ ۾ ۾ گهر اندر گيس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي کانپوءِ شهرين ۽ پوليس اهلڪارن پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گيس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيو آهي، پوليس پاران معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*