سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت جي ورهاست بابت درخواست تي ناظر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي بينظير ڀٽو جي سيونگ سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪري 19 ڊسمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

sindh high

سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت جي ورهاست بابت درخواست تي ناظر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي بينظير ڀٽو جي سيونگ سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪري 19 ڊسمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت جي ورهاست بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته معلوم ٿيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت آهي، جنهن جا قانوني وارث موجود آهن.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شهيد بينظير ڀٽو جي اضافي ملڪيت تي قانون مطابق آصف زرداري، بلاول، آصفه ۽ بختاور جو حق آهي، ملڪيت انهن ۾ ورهاست ڪئي وئي.

اسسٽنٽ رجسٽرار رپورٽ جمع ڪرائندي ٻڌايو ته آصف زرداري جي درخواست تي ملڪيت تي اعتراضن بابت اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا، پر هيل تائين ڪوبه اعتراض سامهون نه آيو آهي.

عدالت اضافي ملڪيت جي ورهاست بابت درخواست تي ناظر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي بينظير ڀٽو جي سيونگ سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪري 19 ڊسمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*