پيرجوڳوٺ ويجهو قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

Accident-Road-27217

پيرجوڳوٺ ويجهو قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ٻٻرلوءِ ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار علي حسن منگي ۽ بشيراحمد پڻيو فوت ٿي ويا.

پوليس ٻنهي ڄڻن جا لاش سول اسپتال خيرپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

پوليس ڊرائيور حسن بڙدي کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*