لاهور هاءِ ڪورٽ سلمان تاثير جي ورسي دوران حملو ڪندڙ جوابدار جي ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي ورسي دوران حملو ڪندڙ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جوابدار وزير علي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي 2 لک رپين عيوض سندس ضمانت منظور ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مٿس ورسي تي حملي جا بي بنياد الزام لڳايا ويا آهن، سندس خلاف ڪي به شاهديون پيش ناهن ڪيون ويون.

عدالت، جوابدار جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*