اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊ دوران ٽربيونلز ۾ هاءِ ڪورٽس جي ججز کي مقرر ڪرڻ جي تجويز تيار ڪري ورتي

موجوده اليڪشن ٽربيونلز جي ناڪامي بعد اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊ دوران ٽربيونلز ۾ هاءِ ڪورٽس جي ججز کي مقرر ڪرڻ جي تجويز تيار ڪري ورتي آهي، جڏهن ته موجوده ٽربيونلز جي مدي ۾ به وڌيڪ 2 مهينا واڌ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب، موجوده اليڪشن ٽربيونلز پاران وقت سر درخواستون نه اڪلائڻ سبب اليڪشن ڪميشن نئين تجويز تيار ڪري ورتي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، ايندڙ چونڊن دوران هاءِ ڪورٽس جي ججز کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ تجويز پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪلي ويندي، جنهن جي حتمي منظوري ڪميٽي ئي ڏيندي.

اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ اعتراضن جي ٻڌڻي هلائيندڙ ٽربيونلز جي مدي ۾ 2 ڀيرا واڌ ڪرڻ باوجود ڪيترن ئي اهم درخواستن تي فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، ٽربيونلز جي مدي ۾ وڌيڪ 2 مهينا واڌ تي به غور ڪيو پيو وڃي.

 ذريعن موجب، ٽربيونلز جي مدي ۾ واڌ کانپوءِ سربراهن کي ڪيس تڪڙي بنيادن تي اڪلائڻ جون به هدايتون ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*