قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي عوام کي جمهوريت سان گڏ جمهوري شعور به ڏنو ۽ ملڪ جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تاريخي ۽ بي مثال جدوجهد ڪئي آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي عوام کي جمهوريت سان گڏ جمهوري شعور به ڏنو ۽ ملڪ جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تاريخي ۽ بي مثال جدوجهد ڪئي آهي. 1973ع جي متفقه آئين، ايٽمي ٽيڪنالاجي جو قيام، پاڪ چين دوستي، ميزائل ٽيڪنالاجي پيپلزپارٽي جو عظيم ڪارنامو آهي، جنهن کي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.

پيپلزپارٽي جي 50هين يوم تاسيس جي موقعي تي خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي عوام کي جمهوريت سان گڏ جمهوري شعور به ڏنو ۽ ملڪ جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي.

هن چيو ته 1973ع جي متفقه آئين، ايٽمي ٽيڪنالاجي جو قيام، پاڪ چين دوستي، ميزائل ٽيڪنالاجي پيپلزپارٽي جو عظيم ڪارنامو آهي، جنهن کي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.

خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي وڏي عرصي کان جمهوريت لاءِ جاکوڙي رهي آهي، سندسن جدوجهد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت کان وٺي هلي رهي آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ کي متفقه آئين ڏنو، جيڪو اڄ به هن ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ انساني حقن جي ضمانت بڻيل آهي.

خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي بلاول ڀٽو زرداري تائين هميشه عوام جي طاقت پنهنجو مرڪز بڻايو آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام جي فلاح ۽ بهبود، ملڪ جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندي رهندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*