پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو جي معاملي تي ڀارت جو جواب ملي ويو آهي پر سندس گهر واري جي ملاقات بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي

faisal hasmi

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو جي معاملي تي ڀارت جو جواب ملي ويو آهي پر سندس گهر واري جي ملاقات بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، حافظ سعيد کي عدالت آزاد ڪيو هو، افغان حڪومت ۽ اتحادي فوج کي عالمي معاهدي تحت قدم کڻڻ گهرجن.

پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي معاملي تي ڀارت جو جواب ملي ويو آهي پر سندس گهر واري جي ملاقات بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان اسلامي اتحاد کي تجربن کان فائدو پهچائڻ جي آڇ ڪئي آهي،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته حافظ سعيد کي عدالت آزاد ڪيو هو، افغان حڪومت ۽ اتحادي فوج کي عالمي معاهدي تحت قدم کڻڻ گهرجن، افعانستان ۾ آفيم جي پوک تي ڳڻتي آهي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جي خبرن تي ڳڻتي آهي، ڪيمائي هٿيارن جي استعمال جون خبرون اڳ به اينديون رهيون آهن.

ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪيميائي هٿيارن جو استعمال بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي،

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممبئي حملن بابت ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڏينهن ڪيس ۾ اي ٽي سي ۾ پيش ٿي هئي، جنهن عدالت کي ٻڌايو هو ته ڀارتي شاهدن جا بيان نه اچڻ سبب جاچ اڳتي نه وڌي سگهي آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته نئين آمريڪي پاليسي کانپوءِ آمريڪي رابطن ۾  تيزي آئي آهي، اسان پاڪ آمريڪا ڳالهين کي فائديمند سمهون ٿا. آمريڪي دفاع وارو وزير به پاڪستان اچي رهيو آهي.

هن چيو ته جنرل نڪلسن جا بيان نوان نه آهن، اسان جنرل نڪلسن جي بيانن سان اڳ ئي اختلاف ڪري چڪا آهيون.

اسلامي اتحاد بابت ڳالهائيندي ترجمان چيو ته پاڪستان اسلامي اتحاد  کي تجربن کان فائدو حاصل ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، فوجي اتحاد جي دفاع واري وزير اڳ ئي اجلاس ۾ اهم شيون غور هيٺ آيون، شدت پسندي کي منهن ڏيڻ ۽ ۽ ميڊيا مهم تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

ڊاڪٽر فيصل چيو ته افغانستان ۾ افيم جي پوک تي ڳڻتي آهي، آفيم جي پوک دهشتگردن لاءِ آمدني جو هڪ وڏو ذريعو آهي، افغان حڪومت ۽ اتحادي فوج کي عالمي معاهدن موجب قدم کڻڻ گهرجن …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*