روهڙي ويجهو ڪڪڙن جي ميل تي پوليس ۽ رينجرز جي چڙهائي دوران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

روهڙي ويجهو ڪڪڙن جي ميل تي پوليس ۽ رينجرز جي چڙهائي دوران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب روشن آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز ڪڪڙن جي ميل تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران جوابدارن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني.

 پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران هڪ جوابدار جاويد مشوري مارجي ويو ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڊي ايي پي روهڙي مسعود رسول مهر چيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*