پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوام کي طاقت جو سرچشمو بڻايو

latif khosa

پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوام کي طاقت جو سرچشمو بڻايو، نواز شريف سڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪو آهي.

سکر ۾ پ پ جي 50 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي لطيف کوسا چيو ته خزاني وارو وفاقي وزير موڪل تي هئڻ سبب ملڪ جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي.

هن چيو ته نواز شريف پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو آهي، زاهد حامد به ڪوڙ ڳالهايو آهي.

لطيف کوسا چيو ته صرف زاهد حامد نه پر پوري ڪابينا ذميوار آهي، ختم نبوت واري معاملي تي پوري ڪابينا کي گهر موڪلڻ گهرجي.

هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪا شق آئين ۾ شامل ڪئي، اها نواز ليگ جي حڪومت ڪڍي هئي.

لطيف کوسا چيو ته نواز شريف سان ميثاق جهموريت تي صحيحيون ٿيل آهن، تنهن ڪري اسان جهموريت جي معاملي ان جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته يوسف رضا گيلاني کي ڪڍيو ويو ته نواز ليگ وارا وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا هئا، هاڻي چون ٿا اسان کي ڇو ڪڍيو ويو آهي.

لطيف کوسا چيو ته ڌرڻي واري معاملي ۾ فوج مداخت نه ڪري ها ته حڪومت جي خواهش موجب وڌيڪ خرابي ٿئي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*