سجاول جوڻيجي ويجهو بجلي جي تارن ۾ وچڙي پورهيت جون 3 مينهون مري ويون،پورهيت سيپڪو ملازمن خلاف احتجاج ڪيو

sajawal

سجاول جوڻيجي ويجهو بجلي جي تارن ۾ وچڙي پورهيت جون 3 مينهون مري ويون،پورهيت سيپڪو ملازمن خلاف احتجاج ڪيو.

عرضي ڀٽي ۾ لڪڙي سان ٻڌل بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت عبدالمجيد ڀٽي جون 3 مينهون مري ويون آهن.

پورهيت چيو ته بار بار چوڻ باوجود سيپڪو عملدارن بجلي جون تارون مٿي نه ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجيون 3 مينهون بجلي تارن ۾ وچڙي مري ويون آهن.

هن حڪومت ۽ سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*