پشاور ۾ زرعي يونيورسٽي ويجهو دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

Peshawar-Police-attack-11217

پشاور ۾ زرعي يونيورسٽي ويجهو دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پشاور ۾ زرعي يونيورسٽي جي ويجهو ڊائريڪٽوريٽ زراعت تي اوچتو هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 شاگردن ۽ چوڪيدار سميت 9 ڄڻا شهيد ۽  صحافي سميت 35 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ عبدالصمد، صديق الرحمان، صديق الرحمان، بلال احمد، قاسم علي شاهه، محمد بلال ۽ ٻيا شامل آهن.

دهشتگردن جي حملي سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، فوج جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ تي پهچي وئي.

پوليس ۽ فوج جي اهلڪارن آپريشن ڪندي 3 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ باندي بڻايل ماڻهن کي آزاد ڪرايو.

پوليس بڪتر بند گاڏين ذريعي يونيورسٽي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو، جڏهن ته زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس موجب، زخمين ۾ فياض الدين ولد محمد سراج الدين، ساجد، شاهد نواز، سالان، عتيق، واحد علي ۽ ٻيا شامل آهن.

ذريعن موجب دهشتگرد رڪشي ۾ آيا هئا، جن کي اڇي رنگ جا برقعا پهريل هئا.

ايس ايس پي پري آپريشن موجب، حملي ۾ زخمي ٿيل 10 کان 12 ڄڻن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جن ۾ عورتون ۽ شاگرد شامل آهن.

ايس ايس پي آپريشن موجب، دهشتگردن چوڪيدار کي قتل ڪرڻ بعد يونيورسٽي ۾ داخل ٿيا.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ۽ ڪي پي جي گورنر ظفر اقبال جهگڙا حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جو دورو ڪري زخمين جي عيادت ڪئي آهي.

احسن اقبال شهيد جي وارثن لاءِ  10، 10 لک رپيا، سخت زخمين لاءِ 5 ۽ معمولي زخمين لاءِ 2، 2 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي.

هن چيو ته اندورني ۽ بيروني دهشتگرد ملڪ جو امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، دهشتگردي خلاف سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته شهيدن جو رت ضايع نه ويندو، دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

ان کان اڳ خيبرپختونخوا جي گورنر جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي جلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*