آءِ جي ڪي پي ڪي صلاح الدين محسود چيو آهي ته دهشتگردن صبح 8 لڳي 35 منٽن تي حملو ڪيو، پوليس 3 کان 5 منٽن ۾ پهچي شاگردن کي بڪتر بند گاڏين ذريعي ٻاهر ڪڍيو

IG-PESHAWAR-MAHSOOD-11217

آءِ جي ڪي پي ڪي صلاح الدين محسود چيو آهي ته دهشتگردن صبح 8 لڳي 35 منٽن تي حملو ڪيو، پوليس 3 کان 5 منٽن ۾ پهچي شاگردن کي بڪتر بند گاڏين ذريعي ٻاهر ڪڍيو. هاڻ افغان مهاجرن کي پنهنجي ڏيهه واپس وڃڻ گهرجي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي ڪي پي چيو ته دهشتگردن صبح 8 لڳي 35 منٽن تي حملو، پوليس 3 کان 5 منٽن ۾ واقعي واري هنڌ پهتي.

هن چيو ته فوج، پوليس ۽ ريپڊ ريسپانس فورسز گڏجي آپريشن ڪيو،

آءِ جي ڪي پي ڪي چيو ته دهشتگردن چوڪيدار کي قتل ڪرڻ بعد يونيورسٽي ۾ داخل ٿيا.

آءِ جي ڪي پي ڪي چيو ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 6 شاگرد به شامل آهن، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ وارو عمل جاري آهي.

صلاح الدين محسود چيو ته دهشتگرد رڪشي ذريعي آيا هئا، جن کي برقعو پهريل هو.

آءِ جي ڪي پي چيو ته مارجي ويلن دهشتگردن وٽان آپگهاتي جيڪٽ هٿ ڪيون ويون آهن.

صلاح الدين محسود چيو ته اسان وسيلن موجب دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، هان افغان مهاجرن کي واپس وڃڻ گهرجي.

صحت واري صوبائي وزير شهرام ترڪئي چيو ته ڪجهه ماڻهو ملڪ جي مان کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا پر قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن.

شهرام ترڪئي چيو ته سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*