نوابشاهه ويجهو اسڪول ۾ تقريب دوران شرپسندن جي حملي ۾ 4 ليڊي ٽيچرز سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

Nawaz-Shah-School-Attack-11217

نوابشاهه ويجهو اسڪول ۾ تقريب دوران شرپسندن جي حملي ۾ 4 ليڊي ٽيچرز سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته پوليس ٽن جوابدارن  کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

تاج ڪالوني جي هڪ خانگي اسڪول ۾ تقريب هلي رهي هئي، جنهن  ۾ 12 کان 15 ڄڻا شرپسند لٺيون کڻي اسڪول ۾ داخل  ٿي پيا،  جتي ليڊي ٽيچرز پرنسپال انيتا قريشي، صائمه، مديحه چانڊيو ، صبا ۽ اسڪول جي چوڪيدار راڻو سولنگي ۽ سليم زرداري کي لٺين سان زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

ان موقعي تي ليڊي پرنسپال چيو ته اسڪول جي سامهون گرائونڊ ۾ اوباش قسم جا ڇوڪرا ويٺل هوندا آهن، جيڪي اسڪول ايندڙ ليڊي ٽيچرز کي روزانو  تنگ ڪندا آهن.

هن چيو ته اڄ سندن اسڪول اچي رهيا هئاسين، ته هنن ساڳين ڇوڪرن ليڊي ٽيچرز سان بدتميزي ڪئي، ٽيچرز جواب ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تان اوباش ڇوڪرا ناراض ٿي ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي اسڪول ۾ ڪاهي پيا.

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن تحفظ ڏئي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن حملي آورن گلشير، پرويز  ۽ بلو ڀٽي کي گرفتار ڪري انهن خلاف  وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*