سريلنڪا ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ سامونڊي طوفان “ اوکي ” ڀارت جي حدن ۾ داخل ٿي ويو

India-Strome-11217

سريلنڪا ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ سامونڊي طوفان “ اوکي ” ڀارت جي حدن ۾ داخل ٿي ويو.

 ڪيرالا ۽ تامل ناڊو ۾ 8 ڄڻا طوفان جي ور چڙهي حياتيون وڃائي ويٺا، 100 جي لڳ ڀڳ مهاڻا لاپتا ٿي ويا، وارثن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي.

 طوفان سڀاڻي ڀارت جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع لڪشا ڊيپ ٻيٽ سان ٽڪرائيندو.

 ڀارت جي موسميات کاتي موجب بنگالي نار ۾ موجود سامونڊي طوفان سريلنڪا کانپوءِ ڀارت جي حدن ۾ داخل ٿيو آهي، ڀارتي رياست ڪيرالا ۽ تامل ناڊو ۾ طوفان جي ور چڙهي 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

 اندازَي موجب 100 جي لڳ ڀڳ مهاڻا لاپتا آهن.

 لاپتا مهاڻن  جا وارث پنهنجي پيارن لاءِ ڳڻتي ۾ ورتل آهن، هنن جو چوڻ آهي ته حڪومت طوفان بابت اڳواٽ آگاهي نه ڏني.

موسميات کاتي وڌيڪ ٻڌايو ته سامونڊي طوفان سڀاڻي ڀارت جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع ٻيٽ لڪشا ڊيپ سان ٽڪرائجندو، جنهن جي نتيجي ۾ تيز هوا سان برسات پوڻ جو امڪان آهي.

 طوفان جي خطري سبب حڪومت مهاڻن کي سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.

 طوفان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن.

سريلنڪا ۾ طوفان سبب 7 ڄڻا فوت ٿيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*