ڪراچي کي پرامن بڻائڻ لاءِ ڏوهارين خلاف شروع ڪيل آپريشن کي اڌورو نه ڇڏيو ويندو، وزيراعظم نواز شريف

 وزيراعظم نوازشريف ڪراچي ۾ نائين پاڪستان ايڪسپو جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، هٿيار رياست جي هٿ ۾ هوندو ۽ هٿيار دهشتگردن جي هٿن ۾ برداشت نه ڪنداسين.

وزيراعظم ڪراچي ۾ ايڪسپو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ روانگي واپار کي 50 ارب ڊالرز تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

هن چيو ته توانائي بحران تي ضابطي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون جاري آهن ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ بجلي جو مسئلو حل ٿي ويندو.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان امن امان جي حوالي سان مشڪلاتن جو شڪار آهي پر هو درست رخ ۾ وڃي رهيا آهن.

نوازشريف چيو ته ڪراچي کي پرامن بڻائڻ لاءِ ڏوهارين خلاف شروع ڪيل آپريشن کي اڌورو نه ڇڏيو ويندو ۽ شهر جون حالتون وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.

وزيراعظم چيو ته ڪراچي پرامن شهر هو خبر ناهي ان کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي.

نوازشريف چيو ته هٿيار رياست جي هٿ ۾ هوندو ۽ دهشتگردن جي هٿن ۾ بندوق برداشت نه ڪئي ويندي.

وزيراعظم چيو ته جتي به هٿيار بند ونگس هونديون انهن کي ختم ڪيو ويندو.

ميان نوازشريف چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪراچي کي پرامن بڻائڻ لاءِ اڳ ۾ آپريشن ڇو نه ڪيو ويو ۽ هنن سمورين پارٽين جي مشوري سان شهر ۾ آپريشن شروع ڪيو آهي.

تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد وزيراعظم پاڪستان ايڪسپو جو افتتاح ڪيو ۽ ان کانپوءِ اسٽال گهمي ڏٺا.

پاڪستان ايڪسپو ۾ 350 ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون حصون وٺي رهيون آهن، جڏهن ته 75 ڪمپنين پاران اسٽال لڳايا ويا آهن.

آرگنائيزرز جو چوڻ آهي ته نمائش مان 2 ارب ڊالرز روانگي واپار جا آرڊر ملڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*